عبدالله خان

عبدالله خان

عبدالله خان

عبدالله خان (شرنائي نواز): مشهور شرنائي نواز عبدالله خان ولد ڄام خان سمون، 13 جنوري 1957ع تي ڪوٽڙي، ضلعي ڄام شوري ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪوٽڙيءَ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ مان 1976ع ۾، انٽر گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڪوٽڙيءَ مان 1994ع ۾ حاصل ڪئي. هيءُ 1976ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتان 2017ع ۾ رٽائر ڪيائين. عبدالله خان فن جي سکيا استاد زوار بسنت، استاد محمد موسيٰ سمي، استاد محمد قاسم، امام بخش ۽ استاد محمد يوسف کان ورتي. هيءُ اٺن نون سالن جو هو ته موسيقيءَ جي طرف راغب ٿيو. هن پنهنجي فن جي باقاعده شروعات 1972ع ۾ لوڪ ورثا اسلام آباد جي هڪ پروگرام کان ڪـئـي. عـبـدالله خـان، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ٿيندڙ ثقافتي پروگرامن سميت ملڪ جي ٻين حصن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. عبدالله خان جون ٿر پروڊڪشن طرفان ٻه آڊيو ڪئسيٽون پڻ رليز ٿيون. کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نامياري براڊڪاسٽر ايم. بي. انصاري 1972ع ۾ ۽ پي ٽي وي تي کيس ذوالفقار علي نقويءَ متعارف ڪرايو. هـي پي. ٽي. ويءَ جي ڪـيتـرن ئي پروگرامـن جهڙوڪ: اوطـاق، سنڌ سينگار، پرک وغيره ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. ثقافت کاتي طرفان 2017ع جي آخر ۾ ڀنڀور عالمي ڪانفرنس ۾ ٻاهران آيل اسڪالرن آڏو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ مڃايائين. هيءُ ڪجهه وقت مهراڻ آرٽس ڪائونسل سان وابسته رهيو. جنهن ۾ موسيقيءَ جي ڪلاسن ۾ ٻارن کي هيءُ فن سيکاريندو هو.
استاد عبدالله خان هن وقت تائين تمام وڏن فنڪارن سان ساٿ ۾ موسيقي ڏني آهي، جن ۾ عابده پروين، جلال چانڊيو، محمد يوسف، محمد جمن، وحيد علي قابل ذڪر آهن. سندس شاگردن ۾ محمد سومار، نزاڪت علي، نثار علي قابل ذڪر آهن.
پاڻ ڪلاسيڪل موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو آهي. کيس خدمتن عيوض ڪيترا اوارڊ، روڪ رقم ملي چڪي آهي، جن ۾ شاهه لطيف اوارڊ، قلندر لعل شهباز، شهباز اوارڊ، رفيع پير سينٽر لاهور طرفان اوارڊ، بهترين موسيقار طور ڀنڀور ڪانفرنس ۾ ثقافت کاتي طرفان اوارڊ وغيره قابل ذڪر آهن. هي سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ ۽ انڊوومينٽ فند طرفان شاهه جي سُرسورٺ راءِ ڏياچ’ ۾ موسيقارن جي سٿ ۾ شامل هو. هن 1984ع ۾ شادي ڪئي. کيس هڪ پٽ اسد عليءَ جو اولاد آهي.
استاد عبدالله خان هن وقت ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عبدالله خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.01.13  عيسوي

شرنائي نواز عبدالله خان ولد ڄام خان سمون، 13 جنوري 1957ع تي ڪوٽڙي، ضلعي ڄام شوري ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاج محمد شاهه سيد
شهناز انصاري
خضر حيات خان سردار
جلال الدين سنڌي
پنا لال بي ڪشوراڻي
ضمير مرزا زرقي
محمد حسن جان رحه سرهندي ٽکڙائي
اشعري
رحيم بخش قريشي
بڪيرائي مراد علي شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون